اڄ چونڊن جو ڏينهن آهي. هن ڀيري سوشل ميڊيا به چونڊ مهم جو اهم ذريعو ۽ ماڻهن تائين مثبت ۽ منفي خبرون پهچائڻ ۾ برابر جو حصيدار پڻ رهيو آهي. هن ڀيري غداري ۽ وفاداري جا سرٽيفيڪيٽ به سوشل ميڊيا ذريعي ورهايا ويا ته ڪافي تجزيئي نگارن کي پگهاردار صحافي هجڻ جي لقبن سان به نوازيو ويو. جنهن پ پ پ جي حمايت ۾ ٻڙڪ به ٿي واتان ڪڍي ته دوستن جون بندوقون تيار هيون ۽ مختلف لقبن سان کين نوازيو ويندو هو. محترم ذوالفقار هاليپوٽي ڏاڍو بهترين ٽرم متعارف ڪرايو آهي ”انٽيليڪچوئل هراسمينٽ” ۽ هن ڀيري سوشل ميڊيائي دانشورن هن ميدان ۾ پاڻ ملهايو. سوشل ميڊيا تي ويرو ڪولهي جي حمايت ۽ اويس ٽپي جي مخالفت ٻه اهم مسئلا رهيا ۽ انهن بن شخصيتن جي حمايت ۽ مخالفت ۾ اسان جي سوشل ميڊيائي دانشورن جي نظر ڪرم کان ٻيا ڪافي سچا پچا اميدوار رهجي ويا.
اسان جي سنڌ دوستي، جمهوريت ۽ انسان پرستي ۽ وطن پسندي جي ابتدا پ پ پ کان ٿئي ٿي ۽ انتها به پ پ پ تي ٿئي ٿي. وفاداري ۽ غداريءَ جا سرٽيفيڪيٽ بغلن ۾ کنيو گهمندا وتون ۽ اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ جي کڻي ڪيتري به مخالفت هجي پر جڏهن ڳالهه ووٽ جي ٿئي ٿي ته ذڪر متبادل قيادت جو ٿئي ٿو. اسان اکين تي پٽيون ٻڌي تجزيا ڪرڻ جا هيراڪ ٿي ويا آهيون ان ڪري اسان کي پ پ پ جي شڪست کان علاوه ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي يا کڻي ائين چئجي ته اسين ٻيو ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ چاهيون ئي نه ٿا.
حيرت مونکي ان ڳالهه تي آهي ته اسين اڄ انهن جا ورڪ پيا ڪريون ۽ کين سنڌ دوست ثابت ڪرڻ ۾ پيش پيش آهيون جيڪي اسان جي نظر ۾ سنڌ ۾ جڙندڙ هر اتحاد جي ٽوڙ ڦوڙ جا ذميوار هئا، اسان کي پ پ پ دشمنيءَ ۾ اهي به سنڌ جا سڄڻ ٿا نظر اچن جيڪي کلم کلايو چوندا آهن ته اهي نانگ ڪونهن جيڪي مٽي کائيندا. اسين ماڻهن مان اها توقع ٿا رکون ته اهي اسان جي خواهشن موجب پ پ پ مخالفت ۾ انهن کي ووٽ ڏين جن ريلوي جا پلاٽ قبضا ڪري پنج پنج هزارن ۾ اٻوجهه سنڌي ماڻهن کي وڪيا هئا ۽ جڏهن رينجرز اهي پلاٽ خالي ڪرايا ته اهو رينگٽ شروع ڪيو ويو ته سنڌين سان زيادتي آهي. پ پ پ ته ٻوڏ متاثرين جي سهائتا نه ڪئي، ڪارو منهن ڪيو، پر اسان ڇا ڪيو؟؟ لڏپلاڻ ڪري ڪراچي پهتل متاثرين کي گلشن معمار ۾ فليٽن ۾ آباد ڪري بلڊرن کان لاکون روپيا اوڳاڙيا ويا، ڇا اها سنڌ دوستي هئي؟؟
سوشل ميڊيا تي پنهنجون سموريون توانائيون پ پ پ مخالفت ۾ خرچ ڪندڙ ن جلال محمود شاه کان اهو سوال پڇڻ جي جسارت ڇو نه ڪئي آهي ته هي صاحب سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو آهي، اقتدار جو حصو رهيو آهي، انهي عرصي ۾ سندس ڪارڪردگي ڇا رهي هئي؟ پ پ پ مخالفت ۾ اسان انهن کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جن جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا هڻندڙن کي پنهنجي بنگلن تي ڀليڪار ڪيو. ائين کڻي چئجي ته پ پ پ کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان کي آمريت جي باقيات کي قبول ڪرڻو پيو ته ڪنداسين. جن ماڻهن جي سياسي معراج نواز شريف سان گڏ چانهه پيئڻ آهي، اهي سنڌ جي آجپي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندا يا ڪري سگهندا اهو هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. اسان جي سياسي بلوغت جي انتها اها آهي ته جيڪڏهن پارٽي ۾ چڱو عهدو نه مليو ته پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد الڳ اڏيو ڇڏيون.
سوشل ميڊيا تي سنڌ جي آجپي جون تقريرون ڪندڙ دانشورن ڪڏهن ويهي اهو ويچاريو آهي ته سائين جي ايم سيد جي نظريئي کي چاهيندڙن جي هڪڙي پارٽي ڇو ناهي؟؟ اهي ڪهڙا مفاد آهن يا اهي ڪهڙا اختلاف آهن جيڪي سائين جي ايم سيد جي فڪري پوئلڳن کي هڪ پارٽي ۾، هڪ پليٽ فارم تي، هڪ ڇت هيٺ ويهڻ کان روڪين ٿا؟؟ اسين جڏهن سائين جي ايم سيد جي عظيم نظريئي جي حاصلات لاءِ هڪ ٿي جدوجهد نه ٿا ڪري سگهون ته اسين سنڌ جي آجپي ۽ وحدانيت لاءِ ڪٿي پ پ پ کان وڌيڪ خطرناڪ ته ثابت نه ٿينداسين؟؟
مونکي ياد آهي اڄ کان ڏهاڪو کن سال اڳ منهنجي هڪڙي قوم پرست سياسي اڳواڻ سان ملاقات ٿي. منهنجي لاءِ اهو اڳواڻ آئيڊيل جي حيثيت رکندو هو پر جيل مان آذاد ٿيڻ کان چند ڏينهن اندر ئي سندس اختلاف پنهنجي پارٽيءَ سان ٿيا ۽ هن صاحب پنهنجي الڳ مسجد جي اڏاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مون کائنس صرف هڪڙو سوال پڇيوته الڳ پارٽي ٺاهڻ ته ٺيڪ آهي پر اوهان جي ايجنڊا اوهان جي پراڻي پارٽي کان ڪهڙي ريت ۽ ڪيتري مختلف آهي؟؟ جواب ساڳيو…. پنجاب سامراج ۽ ڪالاباغ ڊيم. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاڪستانين جي جذبات کي ڪشمير جي مسئلي تي اڀاريندي آهي ته سنڌ جي غير سرڪاري اسٽيبلشمينٽ وٽ پنجاب سامراج ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙا سدا بهار اشو موجود آهن.
بهرحال اڄ سمورن تجزين جي حقيقت سامهون اچي ويندي ۽ جمهوريت جي سونهن جو به ڪيٽ واڪ ٿيندو جڏهن رڳو هڪڙو اميدوار چونڊ نتيجا قبول ڪندو جيڪو چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندو.