سوشل ميڊيا ۽ انٽيليڪچوئل هراسمينٽ

اڄ چونڊن جو ڏينهن آهي. هن ڀيري سوشل ميڊيا به چونڊ مهم جو اهم ذريعو ۽ ماڻهن تائين مثبت ۽ منفي خبرون پهچائڻ ۾ برابر جو حصيدار پڻ رهيو آهي. هن ڀيري غداري ۽ وفاداري جا سرٽيفيڪيٽ به سوشل ميڊيا ذريعي ورهايا ويا ته ڪافي تجزيئي نگارن کي پگهاردار صحافي هجڻ جي لقبن سان به نوازيو ويو. جنهن پ پ پ  جي حمايت ۾ ٻڙڪ به ٿي واتان ڪڍي ته دوستن جون بندوقون تيار هيون ۽ مختلف لقبن سان کين نوازيو ويندو هو. محترم ذوالفقار هاليپوٽي ڏاڍو بهترين ٽرم متعارف ڪرايو آهي ”انٽيليڪچوئل هراسمينٽ ۽ هن ڀيري سوشل ميڊيائي دانشورن هن ميدان ۾ پاڻ ملهايو. سوشل ميڊيا تي ويرو ڪولهي جي حمايت ۽ اويس ٽپي جي مخالفت ٻه اهم مسئلا رهيا ۽ انهن بن شخصيتن جي حمايت ۽ مخالفت ۾ اسان جي سوشل ميڊيائي دانشورن جي نظر ڪرم کان ٻيا ڪافي سچا پچا اميدوار رهجي ويا.   

اسان جي سنڌ دوستي، جمهوريت ۽ انسان پرستي ۽ وطن پسندي جي ابتدا پ پ پ کان ٿئي ٿي ۽ انتها به پ پ پ تي ٿئي ٿي. وفاداري ۽ غداريءَ جا سرٽيفيڪيٽ بغلن ۾ کنيو گهمندا وتون ۽ اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ  جي کڻي ڪيتري به مخالفت هجي پر جڏهن ڳالهه ووٽ جي ٿئي ٿي ته ذڪر متبادل قيادت جو ٿئي ٿو. اسان اکين تي پٽيون ٻڌي تجزيا ڪرڻ جا هيراڪ ٿي ويا آهيون ان ڪري اسان کي پ پ پ  جي شڪست کان علاوه ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي يا کڻي ائين چئجي ته اسين ٻيو ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ چاهيون ئي نه ٿا.

حيرت مونکي ان ڳالهه تي آهي ته اسين اڄ انهن جا ورڪ پيا ڪريون ۽ کين سنڌ دوست ثابت ڪرڻ ۾ پيش پيش آهيون جيڪي اسان جي نظر ۾ سنڌ ۾ جڙندڙ هر اتحاد جي ٽوڙ ڦوڙ جا ذميوار هئا، اسان کي پ پ پ  دشمنيءَ ۾ اهي به سنڌ جا سڄڻ ٿا نظر اچن جيڪي کلم کلايو چوندا آهن ته اهي نانگ ڪونهن جيڪي مٽي کائيندا. اسين ماڻهن مان اها توقع ٿا رکون ته اهي اسان جي خواهشن موجب پ پ پ  مخالفت ۾ انهن کي ووٽ ڏين جن ريلوي جا پلاٽ قبضا ڪري پنج پنج هزارن ۾ اٻوجهه سنڌي ماڻهن کي وڪيا هئا ۽ جڏهن رينجرز اهي پلاٽ خالي ڪرايا ته اهو رينگٽ شروع ڪيو ويو ته سنڌين سان زيادتي آهي. پ پ پ ته ٻوڏ متاثرين جي سهائتا نه ڪئي، ڪارو منهن ڪيو، پر اسان ڇا ڪيو؟؟ لڏپلاڻ ڪري ڪراچي پهتل متاثرين کي گلشن معمار ۾ فليٽن ۾ آباد ڪري بلڊرن کان لاکون روپيا اوڳاڙيا ويا، ڇا اها سنڌ دوستي هئي؟؟

سوشل ميڊيا تي پنهنجون سموريون توانائيون پ پ پ مخالفت ۾ خرچ ڪندڙ ن جلال محمود شاه کان اهو سوال پڇڻ جي جسارت ڇو نه ڪئي آهي ته هي صاحب سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو آهي، اقتدار جو حصو رهيو آهي، انهي عرصي ۾ سندس ڪارڪردگي ڇا رهي هئي؟ پ پ پ  مخالفت ۾ اسان انهن کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جن جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا هڻندڙن کي پنهنجي بنگلن تي ڀليڪار ڪيو. ائين کڻي چئجي ته پ پ پ کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان کي آمريت جي باقيات کي قبول ڪرڻو پيو ته ڪنداسين. جن ماڻهن جي سياسي معراج نواز شريف سان گڏ چانهه پيئڻ آهي، اهي سنڌ جي آجپي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندا يا ڪري سگهندا اهو هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. اسان جي سياسي بلوغت جي انتها اها آهي ته جيڪڏهن پارٽي ۾ چڱو عهدو نه مليو ته پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد الڳ اڏيو ڇڏيون.

سوشل ميڊيا تي سنڌ جي آجپي جون تقريرون ڪندڙ دانشورن ڪڏهن ويهي اهو ويچاريو آهي ته سائين جي ايم سيد جي نظريئي کي چاهيندڙن جي هڪڙي پارٽي ڇو ناهي؟؟ اهي ڪهڙا مفاد آهن يا اهي ڪهڙا اختلاف آهن جيڪي سائين جي ايم سيد جي فڪري پوئلڳن کي هڪ پارٽي ۾، هڪ پليٽ فارم تي، هڪ ڇت هيٺ ويهڻ کان روڪين ٿا؟؟ اسين جڏهن سائين جي ايم سيد جي عظيم نظريئي جي حاصلات لاءِ هڪ ٿي جدوجهد نه ٿا ڪري سگهون ته اسين سنڌ جي آجپي ۽ وحدانيت لاءِ ڪٿي پ پ پ کان وڌيڪ خطرناڪ ته ثابت نه ٿينداسين؟؟   

مونکي ياد آهي اڄ کان ڏهاڪو کن سال اڳ منهنجي هڪڙي قوم پرست سياسي اڳواڻ سان ملاقات ٿي. منهنجي لاءِ اهو اڳواڻ آئيڊيل جي حيثيت رکندو هو پر جيل مان آذاد ٿيڻ کان چند ڏينهن اندر ئي سندس اختلاف پنهنجي پارٽيءَ سان ٿيا ۽ هن صاحب پنهنجي الڳ مسجد جي اڏاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مون کائنس صرف هڪڙو سوال پڇيوته الڳ پارٽي ٺاهڻ ته ٺيڪ آهي پر اوهان جي ايجنڊا اوهان جي پراڻي پارٽي کان ڪهڙي ريت ۽ ڪيتري مختلف آهي؟؟ جواب ساڳيو…. پنجاب سامراج ۽ ڪالاباغ ڊيم. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاڪستانين جي جذبات کي ڪشمير جي مسئلي تي اڀاريندي آهي ته سنڌ جي غير سرڪاري اسٽيبلشمينٽ وٽ پنجاب سامراج ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙا سدا بهار اشو موجود آهن.   

بهرحال اڄ سمورن تجزين جي حقيقت سامهون اچي ويندي ۽ جمهوريت جي سونهن جو به ڪيٽ واڪ ٿيندو جڏهن رڳو هڪڙو اميدوار چونڊ نتيجا قبول ڪندو جيڪو چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندو.  

Leave a comment »

تبديليءَ جو رينگٽ، هاڪاري روين جي اڻاٺ ۽ راڳ آلاپيندڙن جو ڪردار

ڪافي ڏينهن کان تبديليءَ جو رينگٽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به پيو ٻڌڻ لاءِ ملي. هر ماڻهو گذريل حڪومت کي گارين ڏيڻ سان گڏوگڏ اها خوشفهمي به پالي ويٺو آهي ته ايندڙ حڪومت تبديلي آڻيندي ۽ اسان جو بي سرو ملڪ ڄڻ ته آمريڪا ۽ چين جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺو هوندو.

هن وقت تائين سمورين سياسي پارٽين پنهنجا پنهنجا منشور به پڌرا ڪيا آهن ۽ منشور ۾ ڪير به آسمان تان هيٺ لهڻ جي ڳالهه ئي نه ٿو ڪري. سندن منشور ايندڙ پنجن سالن ۾ سائو، ڳاڙهو، پيلو ۽ هر قسم جي انقلاب جي وعيد ٿو ڏي. پر حقيقت ۾ ڪنهن هڪڙي پارٽيءَ به پنهنجي منشور ۾ ملڪ جي عوام ته ٺهيو پنهنجي تنظيمي ڪارڪنن جي تربيت جي به ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. اسان ڪافي شين کي ننڍڙيون سمجهي نظرانداز ڪندا آهيون پر حقيقت ۾ انهن ننڍڙيون ننڍڙيون لڳندڙ شين جي وجود ۾ مسئلن ۽ رڪاوٽن جا پهاڙ سمايل هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو شهباز شريف ٻن سالن ۾ وافر مقدار ۾ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي ۽ عمران خان نوي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ امن ڪرائي وجهي پر منهنجي نظر ۾ ملڪ ان وقت تائين سڌري نه ٿو سگهي جيستائين هڪڙو عام ماڻهو بجلي چوري ڪرڻ نه ٿو ڇڏي. جيستائين هن ملڪ ۾ رانگ سائيڊ تي گاڏي هلائڻ ۾ فخر ڪرڻ وارا جيئرا رهندا تيستائين آئون تبديليءَ جي ڪنهن به دعوا تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان.   

جڏهن به ملڪ ۾ بجلي چوريءَ خلاف ڪو قدم کينو ويو آهي ته سياسي پارٽيون ئي انهن چورن سان ڪلهو ملائي بيٺيون هونديون آهن، روڊن تي ٽائر سڙندا آهن، دڪانن ۽ گاڏين تي پٿراءُ ٿيندو آهي، ان وقت سياسي پارٽين کي اهڙي قسم جي احتجاج جو ساٿ ڏيڻ ۾ پنهنجو جياپو نظر ايندو آهي. ميڊيا به هوئن ته تبديليءَ جون هامون هڻندو آهي پر حيرت ٿيندي اٿم جڏهن ميڊيا به ڏوهارين جو ساٿ ڏيندو آهي. ڪنهن ڏوهاري جي مارجڻ تي ميڊيا به ان جي مائٽن جي احتجاج کي اهڙو ته ڪري پيش ڪندو آهي جهڙو ڪنهن هيرو جو موت ٿيو هجي. منهنجي انهيءَ موقف سان انساني حقن جو ڍنڍورو پٽيندڙ متفق ڪونه ٿيندا ۽ وٽن هڪڙو ئي دليل آهي ته ڏوهه کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏوهاري مارڻ ضروري ناهي پر حقيقت اها آهي ته دليل انهن معاشرن ۾ ٺهڪن ٿا جيڪي معاشرا ڏوهه کي ڏوهه سمجهن ٿا. جيڪي عدالتون ڏوهه کي ڏوهه سمجهن ٿيون. اسان جي ملڪ جو ته حال اهو آهي ته ڪنهن به ملڪيت تي قبضو ڪريو، عدالت مان اسٽي وٺو ۽ پوءِ ويٺا مزا ماڻيو ۽ جيڪو ملڪيت جو مالڪ آهي اهو انهي اسٽي کي پيو سالن جا سال ڀوڳيندو. اهڙي معاشري ۾ جتي جيلون درس گاهون هجڻ بدران ڏوهاري سرگرمين جون تربيت گاهون هجن ته اتي ڏوهاري جو مرڻ ئي بهتر آهي. جيتوڻيڪ اهو ڏکيو عمل آهي پر جيڪڏهن دوستن کي ياد هوندو ته ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ ڦوروئن کي سگنل تي ساڙڻ جو عمل شروع ٿيو ته ڏوهارين ۾ ڪنهن حد تائين خوف واري صورتحال پيدا ٿي ويئي هئي. آئون دوستن جي ان ردعمل سان سئو سيڪڙو متفق ٿيندس ته اهو غير انساني عمل آهي ۽ اسان کي اهڙي ڪنهن به قسم جي عمل جي حوصلا افزائي نه ڪرڻ گهرجي پر اسين اهڙي هنڌ پهچي ويا آهيون جتي خوني انقلاب کان سواءِ تبديلي ناگزير آهي. ٿي سگهي ٿو بلڪي دوست يقينن اختلاف رکندا پر اسان جهڙن معاشرن ۾ خمينيءَ جهڙي ليڊر جي ضرورت آهي.   

مونکي ته حيرت ٿئي ٿي ته هڪڙو وڏيرو جيڪو پنهنجي هارين کي حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي پر چوي ٿو ته عوام تبديليءَ لاءِ سندا ٻڌي چڪو آهي ۽ هن اليڪشن ۾ ميرن ۽ پيرن کي شڪست ڏيندو. هي جنگ ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي آهي. اسين نالي ماتر پڙهيل ڳڙهيل (پڙهيل ڪڙهيل ڪافي گهٽ تعداد ۾ آهن) رڳو پرائي شادي ۾ دهل وڄائڻ ۾ خوش آهيون. پنجن سالن کان پوءِ ٻيهر اسين پيا هنن حڪمرانن کي گاريون ڏينداسين ۽ تبديليءَ جو رينگٽ نون سرن ۽ سازن سان شروع ڪنداسين.

سوشل ميڊيا تي توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديليءَ جا گيت ڳائيندڙ دوستن کي گذارش اها آهي ته هن وقت اسان کي چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. رڳو سياسي پارٽين جي سربراهن جا پروفائيل ڇاپڻ بدران هر اميدوار جو پروفائيل ڏجي ته هن محترم جو ماضي ڪيترو بي داغ آهي. رڳو غربت تبديليءَ جو اهڃاڻ نه ٿي ٿي سگهي. اميدوار جو غريب هجڻ يا بي پهچ هجڻ سندس ايمانداري کي ڪنهن به ريت ثابت نه ٿو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته اهو غريب ڪنهن ڏوهاري سرگرمي جو حصو رهيو هجي. اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن غريب کي ڪو ٻيو شاطر دماغ پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندو هجي. هن غريب اميدوار جي اها ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ته سندس ذاتي زندگيءَ ۾ رويا ڪهڙا آهن. اسان وٽ اهڙا ڪيترائي ليڊر آهن جيڪي پنهنجي ماضيءَ ۾ غريب هئا، معمولي سرڪاري ملازم هئا، ننڍڙا ٺيڪيدار هئا پر اڄ اهي وڏيرا به آهن ته جاگيردار به آهن. اسين کين گاريون به ڏيون ٿا. ڪٿي سڀاڻي ٻيهر اسان کي هنن غريبن يا تبديليءَ جي نون گيتن سان ميدان ۾ ايندڙ جوڌن جوانن کي گاريون ته نه ڏيڻيون پونديون. تاريخ ته مونکي ياد ڪونهي پر دودي چانڊئي ڪاوش ۾ سنڌ  اسيمبليءَ جي مدي پوري ٿيڻ تي لکيل پنهنجي مضمون ۾ لکيو هو ته پاڻ اهڙن ميمبرن کي به ڏٺو هئائين جيڪي اسيمبليءَ جي افتتاحي اجلاس ۾ ته رڪشا ۾ چڙهي آيا هئا پر اختتامي اجلاس ۾ وٽن ڪورولا جا نوان ماڊل هئا. اسان وٽ احتساب جو نظام صرف مخالفن لاءِ آهي. پنجن سالن کان پوءِ اسين هڪ ڀيرو ٻيهر تبديليءَ جي وڻندڙ نعري تحت پراڻن کي گاريون ڏيندي نوان اميدوار ميدان ۾ آڻينداسين ۽ اهڙي ريت چند مفاد پرستن کي امير ٿيڻ جو موقعو پيا فراهم ڪنداسين. ها اهو ممڪن آهي ته ان طريقي سان اسين سڀ پنهنجي پنهنجي واري تي امير ٿي وڃون.

ڳالهه زرداري جي ناهي، گيلاني جي ناهي، مخدومن جي ناهي، پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي ناهي، ڳالهه سرمائيدارن جي به ناهي، اصل ۾ ڳالهه روين جي آهي. بي ايماني ۽ بدعنواني رويو بنجي ويو آهي. دماغ خراب رڳو وزيرن ۽ اميرن جو ناهي پر جيڪو به ميز جي ٻئي پاسي ويٺل آهي ۽ صحيح ڪرڻ جو مجاز آهي، اهو استحصال ڪري ٿو. جنهن جو جتي وس پڄي ٿو اهو ٻئي جو استحصال ڪري ٿو. ڪنهن جو وس جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ نٿو هلي ته اهو ماڻهو بينڪ ۾ به جمع ڪرائڻ وقت لڳل لائين جي بيحرمتي ڪري پنهنجي رويي جو اظهار ڪري ٿو. سرڪاري آفيسن ۾ وڃو، بينڪن ۾ وڃو، پرائيويٽ ادارن ۾ وڃو، اوهان جو لاڳاپيل ڪم ته ٿي ويندو پر ائين محسوس ڪرايو ويندو ته اهو اوهان ته احسان پيو ڪيو وڃي. ذميواري جو ڪنهن کي احساس ناهي. هڪڙو سماجي ڪارڪن ٻارنهن سئو روپين وارو امدادي پيڪيج ورهائڻ لاءِ متاثر کان پنج سئو روپيا وٺي ٿو ۽ متاثر اهو امدادي پيڪيج نو سئو روپين ۾ مارڪيٽ ۾ دڪاندار کي وڪرو ڪري ٿو. ڪٿي آهي تبديليءَ جي انڊلٺ؟ خوار هڪڙو زرداري آهي پر زرداري به هڪڙي رويي جو نالو آهي. اسان مان هر هڪ جي وجود ۾ هڪڙو زرداري سمايل آهي. اسين ٻين کي ان ڪري گاريون ڏيندا آهيون جو اسان کي بي ايماني جو موقعو نه ٿو ملي. ڏوهاري ڪير آهي؟؟ سماجي ڪارڪن جنهن پنهنجي ذميوارين کان منهن موڙي رشوت ورتي يا اهو متاثر جنهن پنج سئو ڏيئي ڪنهن حقيقي متاثر جو حق ماريو يا وري اهو دڪاندار جنهن سستي اگهه تي اهو سامان متاثر کان خريد ڪيو؟؟؟ ان سڄي عمل ۾ زرداري ڪٿي آهي؟؟؟؟ زرداري ڪير آهي؟؟؟؟؟؟

اڳي چيو ويندو هو ته پگهارون گهٽ آهن، پگهارون وڌن ته رشوت جو آزار گهٽجي پر جيئن جيئن پگهارون وڌنديون ويون آهن، هوس ۽ لالچ به ساڳي اسپيڊ سان وڌي آهي.  جيستائين اهو رويو تبديل نه ٿو ٿئي، تبديليءَ جو راڳ ڪنهن رينگٽ کان گهٽ ناهي. رانگ سائيڊ تان موٽر سائيڪل تي ايندڙ ڀلي ته ووٽ عمران خان کي ڏي پر سندس ان ووٽ سان زرداري جي شڪست ٿي سگهي ٿي پر ان زرداري کي ڇا ڪنداسين جيڪو اسان مان هر هڪ جي وجود ۾ رت وانگر پيو ڊوڙي. جيستائين حسن اسڪوائر جي ٽين ماڙ تان پان جي ٿڪ اڇلائڻ وارو موجود آهي، تيستائين تبديلي جو نعرو مولويءَ جي ٻانگ وانگر رهندو جنهن جي آواز تي رڳو هوٽلن وارا پنهنجو ٽيپ رڪارڊر بند ڪن ٿا پر نماز تي وڃڻ جي کين توفيق ڪونه ٿي ٿئي. اسين پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ته ڪريون ٿا پر اسان جا رويا پيار ۽ محبت واري ڳالهه سمجهڻ کان چڙهي ويا آهي. سپر هائي وي تي سيٽ بيلٽ ٻڌڻ وارو نيشنل هائي وي تي حفاظت جي ان نقطي تي عمل ڇو نه ٿو ڪري؟؟ صرف انهيءَ لاءِ ته سپر هائي تي چالان ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ آهي. اسين چالان کان ڊڄون ٿا، قانون جي پاسداري اسان لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي.

تبديليءَ جو راڳ آلاپيندڙ سياسي پارٽيون اهو ته ٻڌائين ته پنهنجن جلسن ۾ ڇا اهي بل واري بجلي استعمال ڪندا آهن؟  هاٿي سئو مڻ وزن کڻي سگهي ٿو ڇو ته سندس قد بت ايترو آهي پر ماڪوڙي جيڪڌهن ڪڻڪ جو سڄو داڻو کڻي وڃي ته وڏي ڳالهه ان ڪري ٿيندي جو هن پنهنجي قد بت کان وڌيڪ وزن کنيو. اسان وٽ به صورتحال ڪجهه اهڙي ئي آهي. زرداري ملڪ جو صدر آهي ان ڪري سندس قد بت وڏو آهي ۽ ڊرائيونگ لائيسنس آفيس ۾ اکيون چڪاسيندڙ ڊاڪٽر ماڪوڙي وانگر ننڍي قد بت وارو آهي. فيصلو اوهين پاڻ ڪريو ته وزن وڌيڪ ڪير ٿو کڻي.

سياسي پارٽيون جيستائين انهيءَ رويي کي ختم نه ٿيون ڪن، پنهنجي ڪارڪنن جون غيرقانوني مشڪريون ختم نه ٿيون ڪن، ڪارڪنن جي تربيت جو انتظام نه ٿيون ڪن، پارٽي اندر جمهوري روين جي آبياري نه ٿيون ڪن، هر ماڻهو ۾ ذميواريءَ جو احساس پيدا نه ٿو ٿئي، هي ملازم جيستائين پنهنجي ڪم کي پنهنجي ذميواري سمهجڻ بدران آمدني جو ذريعو سمجهندو رهندو، سياسي پارٽين ۾ جيستائين عسڪري ونگ يا ويڙهاڪ ونگن جي ضرورت رهندي، جيستائين سياسي ليڊر ڀتا خوريءَ کي پنهنجي لاءِ جائز ۽ ٻين لاءِ ناجائز سمجهندا رهندا، جيستائين گاڏيون رانگ سائڊ تي هلنديون رهنديون، جيستائين اسين قانون تي عمل مجبوريءَ مان ڪندا رهنداسين، جيستائين بغير تحقيق ۽ دليلن جي اسٽي جاري ٿيندا رهندا ۽ جيستائين اسين پنهنجي موڀي پُٽ ۽ ٻين پُٽن ۾ فرق ڪندا رهنداسين تيستائين اسين زرداري کي ڀوڳيندا رهنداسين پوءِ ڪڏهين اهو زرداري ڪهڙي روپ ۾ هوندو ته ڪڏهين ڪهڙي ويس ۾ پيو حڪومت ڪندو. جيستائين اسان جا رويا درست نه ٿيندا، تيستائين پيرين پنڌ هلندڙ پر شاطر دماغ رکندڙ ڪورولا ڪارون ۽ بنگلا ماڙيون ٺاهيندا رهندا.

جيڪي دوست سوشل ميڊيا تي تبديليءَ جا دهل پيا وڄائين، حقيقتن کان اهي به واقف آهن. کين به خبر آهي ته قاسم آباد ۾ ڪهڙا نامعلوم ماڻهو ڀتو ٿا وٺن، سڀني کي خبر آهي ته ارباب ۽ شيرازي چونڊون ڪيئن کٽيندا آهن، سڀني کي خبر آهي تو ڪنهن جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي، ڪير ڪنهن جي آشيرواد سان چونڊن ۾ بيٺل آهي پر سچ کي مصلحتن تحت لڪائڻ به ڏوهه آهي ۽ اسان جي دوستن جي ئي اصطلاح موجب هر ڏوهاري زرداري جو ساٿاري آهي.  ان ڪري سڀني کي گذارش آهي ته اهي اهو وقت عوام جي تربيت ۾ صرف ڪن، روين ۾ تبديليءَ لاءِ پتوڙين نه ته ٻيهر زرداري ڪنهن عمران خان جي صورت ۾، شريف ڀائرن جي صورت ۾، يا ڪنهن ٻي پير مير ۽ وڏيري جي صورت ۾ اسان مٿان حاوي ٿي ويندو.

Leave a comment »

Donkey Lesson!!

One day a farmer’s donkey fell down into a well. The animal cried piteously for hours as the farmer tried to figure out what to do.

Finally, he decided the animal was old, and the well needed to be covered up anyway; it just wasn’t worth it to retrieve the donkey. He invited all his neighbors to come over and help him. They all grabbed a shovel and began to shovel dirt into the well.

At first, the donkey realized what was happening and cried horribly.

Then, to everyone’s amazement he quieted down. A few shovel loads later, the farmer finally looked down the well. He was astonished at what he saw. With each shovel of dirt that hit his back, the donkey was doing something amazing.

He would shake it off and take a step up.

As the farmer’s neighbors continued to shovel dirt on top of the animal, he would shake it off and take a step up. Pretty soon, everyone was amazed as the donkey stepped up over the edge of the well and happily trotted off!

Life is going to shovel dirt on you, all kinds of dirt. The trick to getting out of the well is to shake it off and take a step up. Each of our troubles is a steppingstone. We can get out of the deepest wells just by not stopping, never giving up! Shake it off and take a step up.

Remember the five simple rules to be happy:

1.Free your heart from hatred-Forgive.
2.Free your mind from worries-Most never happen.
3.Live simply and appreciate what you have.
4.Give more.
5.Expect less

NOW ——–

Enough of that crap . . .

The donkey later came back and bites the farmer who had tried to bury him. The gash from the bite got infected, and the farmer eventually died in agony from septic shock.

MORAL FROM TODAY’S LESSON:

When you do something wrong and try to cover your ass, it always comes back to bite you

Comments (1) »

POWER OF SILENCE

About a century or two ago, the Pope decided that all the Indians had to leave Italy. Naturally there was a big uproar from the Indian community. So the Pope made a deal. He would have a debate with a member of the Indian community. If the Indian won, the Indians could stay, if the Pope won, the Indians would leave.

The Indians realized that they had no choice. So they picked a middle aged man named Santu to represent them. Santu asked for one addition to the debate. To make it more interesting, neither side would be allowed to talk. The Pope agreed.

The day of the great debate came. Santu and the Pope sat opposite each other for a full minute before the Pope raised his hand and showed three fingers. Santu looked back at him and raised one finger. The Pope waved his fingers in a circle around his head. Santu pointed to the ground where he sat. The Pope pulled out a wafer and a glass of wine. Santu pulled out an apple. The Pope stood up and sad, “I give up. This man is too good. The Indians can stay.”

An hour later, the cardinals were all around the Pope asking him what had happened. The Pope said, “First I held up three fingers to represent the trinity. He responded by holding up one finger to remind me that there was still one God common to all religions. Then I waved my finger around me to show him that God was all around us. He responded by pointing to the ground and showing that God was also right here with us. I pulled out the wine and wafer to show that God absolves us from our sins. He pulled out an apple to remind me of original sin. He had an answer for every thing. What could I do?”

Meanwhile, the Indian community had crowded around Santu. “What happened?” they asked.  “Well” said Santu, “First he said to me that the Indians had three days to get out of here. I told him that not one of us was leaving. Then he told me that this whole city would be cleared of Indian. I let him know that we were staying right here.”

“Yes, yes… and then???” asked the crowd.

I don’t know”, said Santu, “He took out his lunch, and I took out mine!”

Leave a comment »

Do We Need any Enemy???

A little bird was flying south for the winter. It was so cold; the bird froze and fell to the ground in a large field.

While it was lying there, a cow came by and dropped some dung on it.

The frozen bird lay there in the pile of cow dung, it began to realize how warm it was. The dung was actually thawing him out.

He lay there all warm and happy, and soon began to sing for joy. A passing cat heard the bird singing and came to investigate.

Following the sound, the cat discovered the bird under the pile of cow dung, and promptly dug him out and ate him!

1.         Not everyone who drops shit on you is your enemy

2.         Not everyone who gets you out of shit is your friend

3.         and when you are in deep shit, keep your mouth shut!

Leave a comment »

Right to Rule

When the body was first made, all the parts wanted to be BOSS.

The brain said, “I should be BOSS because I control the whole body’s responses and functions”. The feet said, “We should be the BOSS as we carry the brain about and get him to where he wants to go”. The hand said, “We should be the BOSS because we do all the work and earn all the money”.

And so it went on and on with the heart, the lungs and the eyes until finally the asshole spoke up. All the parts laughed at the idea of the asshole being the BOSS. So the asshole went on strike, blocked itself up and refused to work.

Within a short time the eyes became crossed, the hands clenched, the feet witched, the heart and the lungs began to panic and the brain fevered. Eventually, they all decided that the asshole should be the BOSS, so the motion was passed. All the other parts did all the work while the BOSS just sat and passed out the shit!

You don’t need brains to be a BOSS- any asshole will do…

Leave a comment »

Rich and Poor

One day a father of a very wealthy family took his son on a trip to the country with the firm purpose of showing his son how poor people can be. They spent a couple of days and nights on the farm of what would be considered a very poor family. 

On their return from their trip, the father asked his son, “How was the trip?” “It was great, Dad.” “Did you see how poor people can be?” the father asked. “Oh Yeah” said the son. “So what did you learn from the trip?” asked the father.

The son answered, “I saw that we have one dog and they had four. We have a pool that reaches to the middle of our garden and they have a creek that has no end. We have imported lanterns in our garden and they have the stars at night. Our patio reaches to the front yard and they have the whole horizon.

We have a small piece of land to live on and they have fields that go beyond our sight. We have servants who serve us, but they serve others. We buy our food, but they grow theirs. We have walls around our property to protect us; they have friends to protect them.”

With this the boy’s father was speechless. Then his son added, “Thanks dad for showing me how poor we are.”

Too many times we forget what we have and concentrate on what we don’t have. What is one person’s worthless object is another’s prize possession. It is all based on one’s perspective. Makes you wonder what would happen if we all gave thanks for all the bounty we have, instead of worrying about wanting more. Take joy in all you have, especially your family and friends

Comments (1) »

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.

Join 231 other followers